گم ٿيل شهري جي بازيابي جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي شارع فيصل علائقي مان گم ٿيل شهري جاويد جي بازيابي لاءِ درخواست تي سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان گم ٿيل ٻن ماڻهن جي بازيابي سان لاڳاپيل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت شهري جاويد جي بازيابي بابت سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان جواب طلب ڪيو ۽ 22 مئي تي پيش رفت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.ٻڌڻي دوران سچل مان گم ٿيل شهري سردار آصف جي وڪيل درخواست واپس وٺي ڇڏي.جسٽس ظفر احمد راجپوت وڪيل کان پڇيو ته ڇا گم ٿيل شهري واپس اچي ويو آهي.درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس واپس وٺڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ هو بازيابي جي درخواست کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ نٿا چاهين.جنهن کان پوءِ عدالت درخواست واپس وٺڻ تي شهري جي بازيابي جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.