ڀارت جي آبي جارحيت چناب درياءَ جو پاڻي روڪي ڇڏيو

اسلام آباد: ڀارت جي آبي جارحيت چناب درياءَ جو 90 سيڪڙو پاڻي کي روڪي ڇڏيو. چناب درياءَ ۾ پاڻي جي پهچڻ ۾ وڏي گهٽتائي ٿي وئي، هيڊ مراله واري هنڌ تي چناب درياءَ ۾ پاڻي جي پهچ 5 هزار 300 ڪيوسڪ رهجي وئي.

گذريل ڏينهن بيڊ مراله واري هنڌ تي چناب درياءَ ۾ پاڻي جي آمد 34 هزار 600 ڪيوسڪ هئي  ڇنڇر جي ڏينهن بيڊ مراله جي هنڌ تي چناب درياءَ ۾ پاڻي جي پهچ 40 هزار 900 ڪيوسڪ هئي

ڀارتي ميڊيا چيو آهي ته ڀارت چناب درياءَ تي بگلهيار ۽ سلال ڊيم جا اسپيل ويز بند ڪري ڇڏيا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت ڪشن گنگا پروجيڪٽ جي ذريعي پاڻي جي وهڪرن کي به گهٽ ڪرڻ جي تياري شروع ڪري ڏني آهي جنهن سان جهلم درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ جو امڪان آهي.

ميڊيا ڀارتي اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ته ڇنڇر جي ڏينهن کان بگليهار ڊيم جي ذريعي پاڪستان طرف وهندڙ پاڻي کي روڪڻ شروع ڪيو ويو جيڪو هاڻ 90 سيڪڙو تائين روڪيو ويو آهي.