صوابي: پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته ادارا جيستائين سياست ۾ مداخلت ڪندا ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي.
صوابي ۾ اولسي جرگي کي خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته هي حڪومت ڪهڙي طرح آئي آهي ڪنهن کي سمجهائڻ جي ضرورت ناهي، سڀني کي آئين جي اندر ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ پارليامينٽ کي ملڪ جو سرچشمو هجڻ گهرجي، پاڪستان ۾ سڀني کان وڏي دهشتگردي اها آهي ته 9 فيبروري تي بندوق جي زور تي ماڻهن کان ووٽ جو حق ڦريو ويو.
هن چيو ته پاڻي جي ورهاست ۾ 50 سيڪڙو پنجاب، 38 سيڪڙو سنڌ، 8 سيڪڙو خيبرپختونخواهه ۽ 3 سيڪڙو بلوچستان کي ڏنو پيو وڃي. پختونخواهه ملي عوامي پارٽي انهي ورهاست کي مڪمل طور تي رد ڪري ٿي.
محمود اچڪزئي چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي گهرجي ته خيبرپختونخواهه ۾ به دريائن مان ڪئنال ڪڍي ته جيئن اسان جون زمينون آباد ٿين، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان گڏ هجي پر اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن سڀني کي برابر جا حق ۽ وسيلا ملندا.
محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان جو صوبو وسيلن سان مالا مال آهي اسان کي ڪنهن جي خيرات جي ضرورت ناهي، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دنيا جا سمورا وسيلا موجود آهن، آءِ ايم ايف کان جيڪي قرض ورتا پيا وڃن انهي ۾ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه کي اڄ تائين ڪيترو حصو مليو. هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي هلائڻ جي لاءِ پنهنجا وسيلا ڏينداسين پر اسان کي به ايترو حصو گهرجي جنهن سان اسان پنهنجي مسافر نوجوانن کي واپس آڻي سگهون.