لاهور : پاڪستاني فلمساز محمد علي نقوي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ايمي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. هن ڀيري محمد علي نقوي جي نامزدگي سندس دستاويزي فلم “ٽرننگ پوائنٽ: دي بم اينڊ دي ڪولڊ وار” لاءِ هئي، جنهن کي بهترين تاريخي دستاويزي ڪيٽيگري ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.هي محمد علي نقوي جي ايمي ايوارڊ لاءِ چوٿين نامزدگي آهي. هو پهريون پاڪستاني هو جنهن 2023 ۾ پرائم ٽائيم ايمي لاءِ نامزدگي حاصل ڪئي. محمد علي نقوي ايمي ايوارڊ لاءِ نامزدگي کي پنهنجي لاءِ اعزاز قرار ڏيندي چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ايمي ايوارڊ لاءِ نامزد ٿيڻ سندس لاءِ وڏو اعزاز آهي. هن چيو ته سرحدن جي پار ڪهاڻين کي بين الاقوامي سطح تي پهچائڻ هڪ اعزاز آهي جنهن کي هو ہلڪي سان نه ٿو وٺي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته ايمي ايوارڊ هڪ معزز آمريڪي ايوارڊ آهي جيڪو ٽيليويزن جي دنيا ۾ شاندار ڪارڪردگي لاءِ ڏنو ويندو آهي