پيدائش، موت ۽ شادي، جي حيثيت ۾ تبديلين لاءِ نادرا جي ايپ تيار

اسلام آباد: پيدائش، موت ۽ ازدواجي حيثيت ۾ تبديلين جي آن لائن رجسٽريشن لاءِ نادرا جي موبائل ايپ تيار ڪئي وئي آهي، تفصيل موجب، نادرا ازدواجي حيثيت، پيدائش ۽ موت ۾ تبديلين جي آن لائن رجسٽريشن لاءِ هڪ موبائل ايپ تيار ڪئي آهي، ان حوالي سان، نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر چيو ته هن ايپ ذريعي شهري گهر ويٺي پنهنجي زندگي جي اهم واقعن کي رجسٽر ڪري سگهندا، هن چيو ته موبائل ايپ سڀ کان پهريان پنجاب ۾ متعارف ڪرائي ويندي، جنهن لاءِ پنجاب جي سڀني يونين ڪائونسلن ۾ بايوميٽرڪ تصديق جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي،نادرا چيئرمين چيو ته اسلام آباد جي يونين ڪائونسلن ۾ نادرا ون ونڊو ڪائونٽر قائم ڪيا پيا وڃن.

death and marriageNadra's app ready for birth