پاڪستان ذميوار ملڪ آهي، اميد آهي ڀارت تڪراري رد عمل کان پاسو ڪندو: آمريڪي نائب صدر

واشنگٽن: آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ اسان اميد ڪريون ٿا ته ڀارت پهلگام معاملي تي اهڙو رد عمل ڏيڻ کان پاسو ڪندو جنهن سان خطي ۾ ڪو تڪرار پيدا ٿيڻ جو امڪان ٿئي.

عالمي خبرون ڏيندڙ ادارن موجب آمريڪا والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ تازي واقعي تي ڳڻتي جو اطهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڀارت انهي واقعي تي اهڙو رد عمل نه ڏيندو جيڪو پوري خطي کي ڇڪتاڻ جي لپيٽ ۾ آنيندو. هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي اسان انهي معاملي جي جاچ لاءِ تعاون تي تيار آهيون.

آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس نيوز چينل کي انٽرويو ۾ وڌيڪ چيو ته واشنگتن چاهي ٿو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم رهي. پهلگام واقعي جو جواب احتياط ۽ دانشمندي سان ڏنو وڃي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ هو ڀارت سان ملي جاچ ۾ تعاون ڪندو.

ياد رهي ته 22 اپريل تي پهلگام ۾ پيش آيل واقعي ۾ 26 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا جنهن ۾ وڏو انگ پرڏيهي سياحن جو هو. واقعي کان پوءِ ڀارتي حڪومت بنا شاهدين جي انهي جو تعلق سرحد پار سان جوڙي ڇڏيو. جڏهن ته پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت انهن الزامن کي رد ڪندي گڏيل قومن يا ڪنهن اڻڌري اداري جي تحت جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سميت ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه ۽ سفير به واقعي جي مذمت ڪري چڪا آهن جڏهن ته آمريڪا سنڌو سنئون ڪنهن  جي مٿان الزام هڻڻ جي بجاءِ ٻنهي ملڪن کي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏيل رابطن جي تلقين ڪئي آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزارت موجب پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن سان ڌار ڌار ملاقاتون به ڪيون آهن جڏهن ته گذريل ڏينهن هن ڀارتي الزامن کي رد ڪندي معاملي کي مثبت انداز سان ڏسڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. واقعي کان پوءِ ڀارت طرفان تڪراري قدمن وارن اعلانن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي. جڏهن ته ايل او سي تي چڪريون جا به اطلاع آهن جنهن ۾ ڀارت طرفان فائرنگ سميت ٻيا واقعا سامهون آيا آهن.

Pakistan is responsible country