فوجي ڪاروائي جو تيز، مضبوط ۽ اعلي سطح تي جواب ڏبو: آرمي چيف

اسلام آباد: چيف آف آرمي اسٽاف، جنرل سيد عاصم منير، ٽلا فيلڊ فائرنگ رينجز جو دورو ڪيو، جتي هن پاڪ فوج جي منگلا اسٽرائيڪ ڪور پاران ڪيل هاءِ انٽينسٽي فليڊ ٽريننگ مشق هيمر اسٽرائيڪ جو مشاهدو ڪيو. چيف جو استقبال ڪور ڪمانڊر ڪيو. مشق کي انتهائي سوچيل سمجهيل انداز سان ترتيب ڏنو ويو هو ته جيئن جنگي تياري، ميدان واري هم آهنگي، ۽ جديد هٿيارن جي آپريشنل ميلاپ کي جنگ جي قريب ترين حالتن ۾ پرکيو وڃي. هن مشق ۾ ملٽي رول فائٽر جهازن، جنگي هوائي وسيلن، ڊگهي مفاصلي واري درست توپخاني، ۽ جديد ميدان واري انجنيئرنگ ٽيڪنيڪز سميت ڪيترين ئي ترقي يافته صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو ويو. پاڪ فوج جي مختلف يونٽن ۽ سروسز جي جوانن بهترين حڪمت عملي، تيزي ۽ تباهه ڪن صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، جيڪي سندن اعليٰ تربيت ۽ پيشه ورانه مهارتن جو ثبوت هئا. خاص ڳالهه اها آهي ته هن مشق دوران پاڪ فوج جي اهڙين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي سمائڻ واري صلاحيت کي به نمايان ڪيو ويو، جيڪي kinetic يعني ويڙهه ۽ non-kinetic صلاحيتن ۾ اضافو ڪن ٿيون. دوري دوران جنرل عاصم منير فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي بلند حوصلي، جنگي مهارت ۽ قرباني جي جذبي کي ساراهيو ۽ کين پاڪ فوج جي آپريشنل مهارت جو مظاهرو قرار ڏنو. سپاهين سان خطاب ڪندي، آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ هر قيمت تي پرعزم آهي. هن واضح انداز ۾ خبردار ڪيو ته، ” ڀارت طرفان ڪنهن به فوجي ڪارروائي جو جواب تيز، مضبوط ۽ اعليٰ سطح تي ڏنو ويندو. پاڪستان علائقائي امن لاءِ پرعزم آهي، پر قومي مفادن جي تحفظ لاءِ تياري ۽ عزم مڪمل آهي.”

Military action that is fast