پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد: پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. عالمي پورهيتن جو ڏهاڙو انهي ارادي سان ملهايو پيو وڃي ته مزدور جي حالت ۾ بهتري آڻڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي.

ڏسڻو ته اهو به پوندو ته اسان جهڙن ملڪن ۾  پورهيتن جي حالتن ۾ ڪابه بهتري اچي سگهي آهي يا نه. عالمي پورهيتن جي ڏهاڙي جي حقيقت آمريڪي شهر شڪاگو کان شروع ٿي، اهو 1886ع تي پهرين مئي جو واقعو آهي جڏهن شڪاگو جا مزدور، سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن طرفان استحصال ڪرڻ تي روڊن تي نڪري آيا پر انهي دوران انهن جا مطالبا ٻڌڻ جي بجاءِ پوليس انهن  پورهيتن جي جلوس تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب سوين مزدور فوت ٿي ويا.

اهو ئي ڪافي نه هو پر انهي جلوس ۾ شامل ٻين گرفتار ڪيترن ئي مزدورن کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو، انهي واقعي جي ياد ۾ شڪاگو ۽ پورهيتن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سموري دنيا ۾ اڄوڪي ڏينهن  پهرين مئي تي مزدورن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي.

عالمي پورهيتن جو ڏهاڙو پاڪستان ۾ ملهائڻ جي شروعات 1973ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ٿيو هو.