بائيولاجيڪل هٿيارن تي پابندي جو بل منظور

اسلام آباد : سينيٽ بائيولاجيڪل ۽ موتمار هٿيارن جي ڪنوينشن جي عملدرآمد بل منظور ڪري ورتو آهي. سينيٽ پاران منظور ڪيل بل جي تحت پاڪستان ۾ بائيولاجيڪل هٿيارن تي پابندي لڳائي ويندي، ڪو به شخص موتمار هٿيار تيار، ذخيرو، نقل و حمل، درآمد يا برآمد نه ڪندو، ذريعن موجب، بل هر پاڪستاني ۽ هر ان شخص تي لاڳو ٿيندو جيڪو پاڪستاني علائقي اندر يا پاڪستان جي خلاف ڏوهه ڪندو. بل پاڪستاني علائقي ۾ موجود پرڏيهين تي پڻ لاڳو ٿيندو، بل جي تحت ڪو به شخص اهڙو مواد يا ٽيڪنالاجي حاصل نه ڪندو جيڪو بائيولاجيڪل هٿيار ٺاهڻ ۾ استعمال ٿي سگهي. موتمار هٿيار ٺاهڻ، ذخيرو ڪرڻ يا منتقل ڪرڻ تي 25 سال قيد ۽ 10 ملين رپيا جرمانو جي سزا هوندي. ان کان علاوه، مرڪزي اختيار پرامن مقصدن لاءِ ان جي استعمال جي اجازت ڏيندو.