ڳالهائي سگهان ٿو پر گرائونڊ ۾ کيڏڻ پسند ڪندو آهيان: بابر اعظم

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پي ايس ايل 10 ۾ پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم پنهنجي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو ته مان به ڳالهائي سگهان ٿو، پر مون کي ڳالهائڻ کان وڌيڪ گرائونڊ تي کيڏڻ پسند آهي. انٽرويو ڏيندي بابر اعظم چيو ته پي ايس ايل 10 سيزن ٽيم ۽ انفرادي ڪارڪردگي جي طور تي مٿي ۽ هيٺ ٿي رهيو آهي. شروعات ۾ اسان هڪ وننگ ڪمبينيشن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، 2 فتحون حاصل ڪيون، پر اسان کي ڪارڪردگي ۾ تسلسل آڻڻو پوندو. بابر اعظم چيو ته ايونٽ جو اڌ حصو گذري چڪو آهي. اسان ڪيترائي ميچ هارائي چڪا آهيون، ڪڏهن بيٽنگ ۾ ۽ ڪڏهن بالنگ ۾. اسان خاص طور تي فيلڊنگ ۾ سٺا نه رهيا آهيون. ڪابه ڳالهه ناهي ته حالتون ڪهڙيون به هجن، اسان کي پلان مطابق کيڏڻو پوندو، پر اهو ڏسڻ گهرجي ته اسان اهم وقتن تي وڪيٽون نه ڏيون يا ڪيچ نه ڇڏيون.