سکر: گڏيل مفادن واري ڪونسل طرفان سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ جو مصوبو رد ٿيڻ کان پوءِ وڪيلن ٻٻرلو باءِ کان سواءِ سمورا ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب سنڌو درياءَ تي ڪئنالن جي تعمير جو فيصلو واپس وٺڻ جي خبر ملندي ئي منصوبي جي خلاف خيرپور، ٻٻرلو باءِ پاس تي 12 ڏينهن کان ڌرڻي تي موجود شرڪت ڪندڙن جشن ملهايو ۽ خوشي جو اظهار ڪيو.
آل سنڌ لائرز ايڪشن ڪميٽي ٻٻرلو باءِ پاس کان سواءِ ٻيا سمورا ڌرڻا ختم ڪندي 30 اپريل کان سمورين عدالتن ۾ هڙتال به ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
انهي حوالي سان وڪيل اڳواڻ سرفراز ميتلو چيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ تي 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ حڪومت کان سکر ۾ اسان جي ڪميٽي ملاقات ڪندي جڏهن ته وڪيلن تي ڪيس ختم ڪرڻ ۽ گاڏيون واپس ڪرڻ سميت ٻيا مطالبا برقرار آهن.
ٻئي طرف سنڌ جي مختلف هنڌن تي ڌرڻن سبب 40 هزار کان وڌيڪ گاڏيون اڃان تائين ڦاٿل آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن گڏيل مفادن واري ڪونسل سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو رد ڪري ڇڏيو. ڪونسل ڪينالن بابت ايڪنڪ جو 7 فيبروري جو فيصلو رد ڪيو هاڻ معاملو ٻيهر ارسا ڏانهن اماڻيو ويندو.