ڪراچي: سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف صوبائي حڪومت جي درخواست تي گڏيل مفادن واري ڪونسل جو اجلاس اڄ ئي طلب ڪري ورتو آهي.
نجي ڇينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته سي سي آءِ جو اجلاس 2 مئي تي ٿيڻو هو پر سنڌ حڪومت جي گذارش تي اڄ شام وزيراعظم جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيندو.
هن چيو ته سنڌ طرفان سنڌ جو وڏو وزير سي سي آءِ اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. جڏهن ته بلاول ڀٽو ۽ وزيراعظم جي وچ ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون هيون انهي جي تحت فيصلو ٿيندو.
شرجيل ميمڻ چيو ته سي سي آءِ ۾ اڄ ڪينالن جي معاملي تي فيصلو ٿي ويندو جنهن کان پوءِ مسئلو ختم ٿي ويندو. پهريان به وفاقي حڪومت کي گذارش ڪئي هئي ته سي سي آءِ جي گڏجاڻي جلد گهرائي وڃي.
هن چيو ته احتجاجن جي ڪري رستن جي بندش سبب ماڻهن کي تمام گهڻو پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، گذر ٽرانسپورٽ رڪيل آهي، هارين ۽ واپارين کي نقصان ٿي رهيو آهي جڏهن ته رستن جي بندش سبب مال چوپائي مال جو ڪاروبار ڪندڙن کي به پريشانيون پيش اچي رهيون آهن.
سينئر وزير چيو ته وزيراعظم جو ٿورائتو آهيان ته هن اسان جو مطالبو منظور ڪيو، سنڌ حڪومت هميشه ڳالهين تي يقين رکيو آهي.