پهلگام واقعي جي غيرجانبدار جاچ ڪرايو، تعاون لاءِ تيار آهيون، وزيراعظم

راولپنڊي : وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته امن اسان جي خواهش آهي پر ان کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت، پاڪستان تي بغير ڪنهن ثبوت جي الزام هنيو آهي.پي ايم اي ڪاڪول ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پهلگام واقعي جي حوالي سان بي بنياد الزام لڳايا ويا آهن، ۽ پاڪستان پهلگام واقعي جي غير جانبدار جاچ ۾ تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي.شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پاڻي اسان جي زندگي آهي، ان تي ڪو به سمجهوتو نٿو ٿي سگهي، پاڪستان هر قيمت تي پنهنجي سلامتي ۽ خودمختياري جو تحفظ ڪندو.وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ڪا به ڪوشش ڪئي وئي ته اسان فيبروري 2019 وانگر مناسب جواب ڏينداسين. اسان پاڪستان جي پاڻي جي فراهمي کي روڪڻ جي هر ڪوشش جو قومي طاقت سان جواب ڏينداسين. اسان پنهنجي پياري وطن جي سالميت لاءِ ڪنهن به خطري جي اجازت نه ڏينداسين. اسين قومي وقار ۽ مفادن خلاف هر ڪوشش جو مقابلو ڪنداسين.هو چوي ٿو ته پاڪستان هميشه هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي، پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي، ۽ دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن به قرباني نه ڏني آهي.هن چيو ته اسان جون هٿياربند فوجون تنظيم، اتحاد، ۽ قومي مفاد جي تڪميل ۽ عزم جي علامت آهن. پاڪستان جي هٿياربند فوج پنهنجي پيشيورانه صلاحيتن جي ڪري هڪ نالو رکي ٿي.

Conduct an impartial investigation of the Pahalgam incidentwe are ready for cooperationZulfi Bukhari case won: Reham Khan to pay 50