ڀان :وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ڀان جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي تھ وفاقي حڪومت کي بجيٽ منظور ڪرائڻي آهي ته ڪينالز وارو فيصلو واپس وٺڻو پوندو، بجيٽ کان پهرين ڪينالز وارو مسئلو ختم ٿي ويندو، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪينالز واري معاملي تي هو شهباز شريف سان نه پر عوام سان گڏ بيٺل آهي، حڪومت سنڌو درياهه تي ڪينالز جي تعمير وارو فيصلو واپس نه ورتو ته حڪومت جي حمايت ختم ڪري ڇڏينداسين.