وڪيلن جو ڌرڻو ٻئي ڏينهن به جاري، متبادل روٽ بند، سڄي ملڪ سان رابطو ڪٽيل

سکر: ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي تڪراري ڪئنالن خلاف وڪيلن جو ڌرڻو اڄ ٻئي ڏينهن به جاري آهي، جنهن سبب سنڌ کان پنجاب جو نيشنل هاءِ وي ۽ موٽر وي سان  ٽريفڪ جي اچ وڃ مڪمل طور بند ٿي وئي آهي. جڏهن ته ڪشمور ۾ ديرا موڙ وٽ لڳل ڌرڻي سبب سنڌ جو ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن ٽريفڪ به معطل آهي. ٻنهي ڌرڻن سبب عملي طور سنڌ جو سڄي ملڪ سان زميني رابطو معطل ٿي ويو آهي. ڌرڻي ۾ شامل وڪيل اڳواڻ عبدالرزاق مهر سنڌيار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته جيڪي متبادل رستا کليل هئا، اهي به اڄ بند ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ بند آهي جنهن کي 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي. هن ٻڌايو ته لوڪل ٽريفڪ کي چڪاس بعد اجاز ڏني پئي وڃي. هڪ سوال تي هن ٻڌايو ته وڪيلن جي اڄ رات 9 وڳي ميٽنگ آهي جنهن ۾ فيصلو ٿيندو ته ڌرڻو آچر تائين جاري رکڻو آهي يا ان کان به وڌيڪ دير تائين جاري رکڻو آهي. ڌرڻي ۾ موجود هڪ ٻئي وڪيل سهيل ميمڻ ٻڌايو ته مان شڪر گذار آهيان وڪيل اڳواڻن غلام رسول سوهو، رزاق مهر، ڪاظم مهيسر، ارشاد ڌاريجو، حسيب پنهور ۽ ٻين دوستن جو، جن منهنجي نشاندهي ۽ هاءِ وي پوليس جي پريس رليز  کي سامهون رکي متبادل کليل رستا به بند ڪرائي ڇڏيا آهن، هن ٻڌايو ته اڄ سکر ڊسٽرڪٽ بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ سندر چاچڙ جي قيادت ۾ نيشنل هاءِ وي جا باقي کليل روٽ به بند ڪيا ويا ۽ هوڏانهن وائيس آف خيرپور جي وڪيلن علي احمد ميمڻ ۽ ٻين ڪنڌرا وارو روڊ به بند ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن کان وڪيلن جي ڌرڻي ۾ جسقم جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ فتاح سميجو ، جي يو آءِ راشد محمود سومرو، رياض چانڊيو ۽ وڪيل اڳواڻ قربان ملاڻو ۽ شبير شر به موجود آهن. شبير شر سنڌيار سان فون تي ڳالهائيندي جمعي تي چيو هو ته سڀاڻي تائين هي ڌرڻو جاري رهندو ۽ سڀاڻي ميٽنگ ٿيندي، جنهن ۾ فيصلو ڪبو ته ڌرڻو آچر تائين جاري رکجي يا سڀاڻي ختم ڪجي. هڪ سوال تي شبير شر ٻڌايو ته ڌرڻي جي حمايت ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پيو آهي، آس پاس جا ماڻهو ڌرڻي وارن لاءِ رضا ڪارانه طور تي ماني ۽ پاڻي جو بندوبست به ڪري رهيا آهن. عام ماڻهن م ڪمال جو جذبو آهي، اسانجي توقع کان وڌيڪ عوامي ساٿ جو جذبو آهي. ڌرڻي ۾ اسڪولي شاگرد، شهري، اديب، سماجي اڳواڻ ۽ زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل آهن هر طرف سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف جذباتي نعرن جي گونج آهي. ڪينالن خلاف ڪراچي بار جي صدرعامر نواز وڙائچ جي سربراھي ۾ وڪيلن جو وڏو قافلو ڪراچي کان سکر پهچي ويو، سکر پھچڻ تي گلن جي ورکا ڪري آجيان ڪئي وئي، ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جا نعريبازي پڻ ڪئي.پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي سيڪريٽري جنرل سردار عبدالرحيم ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي قافلي جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو، سردار عبدالرحيم سنڌ جي مفاد ۾ وڪيلن جي هن بهادر قدم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ڪنهن به حالت ۾ سنڌو درياءَ تي 6 نوان تڪراري واهه ٺاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي سنڌ جي ماڻهن پيپلز پارٽي کي جوابده بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جو سيڪريٽري جنرل سردار عبدالرحيم ڪينالن خلاف وڪيلن جي پرامن احتجاجي تحريڪ جي حمايت ڪري ٿو، علامه شهنشاه نقوي جو ڪئنالن خلاف سخت ردعمل ڏيندي چيو آھي تھ سنڌ اڳ ۾ ئي پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي جيڪڏهن ڪئنال ٺاهيا ويا ته سنڌ بنجر بڻجي ويندي، وفاقي حڪومت کي گهرجي ته ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺي، جيڪڏهن سڀئي سنڌ واسي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ويا ته جهموري انقلاب اچي ويندو جيڪو سنڌ مان شروع ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، ھوڏانھن ترجمان موٽروي عوام کي آگاھي ڏيندي چيو آھي تھ ٻٻرلوءِ ايندڙ شھرين اچڻ کان پاسو ڪن.احتجاج کي ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو آھي تھ  جيستائين ڪينال منصوبو رد ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن نه ايندو تيستائين ڌرڻو ختم نه ٿيندو،ھي جيڪي روڊ تي ويٺا آھن سنڌ جي عوام آھي،ساڳئي ھن جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي چيو تھ  ڪئنالن خلاف گڏيل جدوجهد جاري رهندي،سنڌو تي سوودو ھرگز قبول ناھي ھر محاذ تي جنگ وڙھنداسين،پنھنجو حق وٺنداسين،ڪينال سنڌ جي زندگي موت جو مسئلو آھي،اميد آھي تھ اھا جنگ رنگ لائيندي،اميد تھ وفاق عقلمندانھ فيصلو ڪندي،جي ڊي اي ھر ھنڌ گڏ آھي،وڪيل اڳواڻ قربان ملاڻو چيو تھ ڌرڻو اوستائين جاري رھندو جيستائين نوٽيفيڪيشن واپس نھ ٿيندو،24 ڪلاڪ ويٺا آھيون ڪو ٽائيم پيرڊ مقرر ناھي،اڻ مدت وارو احتجاج آھي ڪائي سياست ناھي نھ ئي وري ڪو ڪمپرومائيزد ڪنداسين،

alternative routes were blockedLawyers' sit-in continued the next day