حسن علي پي ايس ايل ۾ وهاب رياض جو رڪارڊ ٽوڙي نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي

ڪراچي: پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ٽيم ڪراچي ڪنگز جي فاسٽ بالر حسن علي هڪ اهم رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.

جمعي ڏينهن پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن جي اٺين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ ڪوئيٽه گليڊيئيٽرز وچ ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ ڪراچي ڪنگز 56 رنسن تان شاندار فتح حاصل ڪئي.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل هن ميچ ۾ ميزبان ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 175 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز 176 رنسن جي هدف جي جواب ۾ 20 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 119 رنسون ئي ٺاهي سگهي.

ڪراچي طرفان فاسٽ بالر حسن علي زبردست بالنگ جو مظاهرو ڪندي 3 وڪيٽون ورتيون، ان ئي ميچ دوران حسن علي، ڪوئيٽه جي حسن نواز کي هڪ رنس تي آئوٽ ڪري پي ايس ايل جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ جو اعزاز ماڻي ورتو.

حسن علي 84 اننگزن ۾ 116 وڪيٽون حاصل ڪري پي ايس ايل جي تاريخ جو ڪامياب ترين بالر بڻجي ويو آهي.

ان کان اڳ اِهو رڪارڊ وهاب رياض جي نالي هو، جنهن 87 اننگزن ۾ 113 شڪار ڪيا هئا، حسن علي ٽورنامينٽ ۾ شاندار فارم ۾ آهي ۽ 3 ميچن ۾ 8 وڪيٽون وٺي چڪو آهي.

ياد رهي ته پي ايس ايل 10 ۾ ڪراچي ڪنگز 3 ميچن مان 2 کٽيون آهن، جڏهن ته هڪ ميچ ۾ ان کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.

ڪراچي ڪنگز هن وقت 4 پوائنٽن سان پوائنٽس ٽيبل تي ٽئين نمبر تي موجود آهي.

Hasan Ali in PSL