اسلام آباد: ن ليگ قائد نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف تڪراري ڪينال منصوبي تي پ پ جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پنهنجي بيان ۾ چيو ته قائد نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف پ پ سان ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ايڪن ۾ پاڻي سميت وسيلن جي منصفاڻي ورڇ تي مڪمل يقين رکون ٿا.
هن چيو ته پ پ وفاق جو حصو آهي، آئيني عهدن تي رهندي ڳالهه وڌيڪ ذميواري سان ڪرڻ گهرجي، اسان پ پ قيادت جو احترام ڪيون ٿا.
سندس چوڻ هو ته 1991ع ۾ صوبن وچ ۾ طئي ٿيندڙ معاهدي ۽ 1992ع جي ارسا ايڪٽ جي موجودگي ۾ ڪنهن سان ناانصافي نٿي ٿي سگهي، ڪنهن صوبي جو پاڻي ٻئي صوبي جي حصي ۾ نٿو وڃي سگهي، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ملڪ ۾ آئيني طريقي ڪار ۽ قانون موجود آهن.
راڻا ثناءُ الله چيو ته پاڻي جي مسئلي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، معاملا ويز تي ويهي حل ڪرڻ گهرجن، ايڪن جي مضبوطي کي وفاق جي مضبوطي سمجهون ٿا، آئين ۽ جمهوريت تي پختو يقين رکندڙ جماعت طور ايڪن ۽ عوام جي حقن جي تحفظ تي سوديبازي نه اڳ ۾ ڪئي سين ۽ نه اڳتي ڪنداسين، ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ئي مسئلي جو حل آهي.