تحريڪِ انصاف باني اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين واري معاملي تي وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو

راولپنڊي: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني عمران خان پنهنجي قانوني ٽيم جي ذريعي جاري ڪيل بيان ۾ واضع ڪيو آهي ته هن ڪنهن به شخص کي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ جو اختيار نه ڏنو آهي، نه ئي ماضي ۾ هن ڪو معاهدو ڪيو هو ۽ نه هاڻي ان معاملي تي ڪنهن ڳالهائڻ جو ارادو رکي ٿو.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس پي ٽي آءِ باني آفيشل اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ويو آهي ته جيڪڏهن مون کي ڪنهن معاهدي ۾ دلچسپي هجي ها، ته مان ٻه سال اڳ ڪيل آڇ کي قبول ڪري وٺان ها، جنهن تحت ٻه سال خاموش رهڻ جي بدلي ۾ قانوني ڪارروائي کان مڪمل ڇوٽ جي تجويز ڏني وئي هئي، پر مون اُن وقت به انڪار ڪيو ۽ هاڻي به اهڙي قسم هره سوچ کي رد ڪريان ٿو.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته علي امين گنڊاپور ۽ اعظم سواتي ڳالهين جي خواهش ظاهر ڪئي هجي، پر منهنجي نظر ۾ اهڙيون ڳالهيون بي معنيٰ آهن، ڇاڪاڻ ته مخالف ڌر مسئلا حل ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿي رکي.

هن چيو ته علي امين ۽ اعظم سواتي پنهنجي مرضي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهين ٿا، مون هميشه چيو آهي ۽ وري به چوان ٿو ته هڪ سياسي پارٽي طور اسان کي ڳالهين تي ڪو اعتراض نه آهي.

پي ٽي آءِ باني پنهنجي بيان ۾ چيو ويو ته ڳالهين جا در ڪڏهن به بند نه ٿيا آهن، پر مان اها ڳالهه واضع ڪرڻ چاهيان ٿو ته ڪنهن به ڳالهه ٻولهه جو بنياد آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ عوام جي مفاد تي هجڻ گهرجي، مشاورت جو عمل منهنجي ذات يا منهنجي زال لاءِ نه هئڻ گهرجي.

بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ جي واحد حقيقي قومي سياسي قوت آهي، جيڪا بنا ڪنهن ٻاهرين مدد جي، ڪنهن به وقت ملڪ گير تحريڪ هلائڻ جي سگهه رکي ٿي، سياسي پارٽيون تڏهن ڪمزور ٿينديون آهن، جڏهن اهي عوامي حمايت وڃائي ويهنديون آهن، ۽ هن وقت سڄي قوم پي ٽي آءِ سان مضبوطيءَ سان گڏ بيٺل آهي.