ماهرن کي ڌرتي کان ٻاهر زندگي جا آثار ملي ويا

سائنسدانن دعويٰ ڪئي آهي ته هنن زمين کان ٻاهر پهريون ڀيرو حياتي جي ڪنهن به قسم جي موجودگيءَ جا مضبوط ترين آثار ڳولي لڌا آهن.
جيمز ويب خلائي دوربين ذريعي سائنسدانن زمين کان 124 نوري سالن جي مفاصلي تي موجود هڪ وڏي سياري ۾ اِهي ثبوت دريافت ڪيا.
سياري ڪي 2-18 بي جي مشاهدي دوران اهڙن ٻن مرڪبن جا ڪيميائي آثار سامهون آيا، جيڪي زمين تي حياتيءَ لاءِ انتهائي اهم سمجهيا ويندا آهن.
انهن مرڪبن ۾ ڊاءِ ميثائل سلفائيڊ (ڊي ايم ايس ) ۽ ڊاءِ ميثائل ڊسلفائيڊ (ڊي ايم ڊي ايس ) شامل آهن.
جيئن ته مٿي ڄاڻيل مرڪب حياتياتي سرگرمين جا واضح ثبوت نه آهن، پر انهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڇا اسان ڪائنات ۾ اڪيلا آهيون يا نه؟
تحقيق تي برطانيا جي ڪيمبرج يونيورسٽي جي ماهرن ڪم ڪيوآهي، جن جو چوڻ آهي ته کين شمسي نظام کان ٻاهر حياتياتي سرگرمين بابت سڀ کان مضبوط اشارا مليا آهن.
سندن چوڻ هو ته هو هن وقت به انتهائي احتياط سان ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ پاڻ کان پڇي رهيا آهن ته ڇا هي اشارو حقيقت آهي ۽ ان جو مطلب ڇا آهي؟
ماهرن موجب، هي هڪ اهم موڙ آهي ۽ اسان انهي سوال جي جواب جي ويجهو پهچي چڪا آهيون ته ڇا اسان ڪائنات ۾ اڪيلائيءَ ۾ آهيون يا نه؟
ٻين سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اڃا اهو طئي ٿيڻ باقي آهي ته ڇا ڪي 2-18 بي سيارو زندگيءَ لاءِ مناسب حالتون رکي ٿو يا نه ۽ ڇا ڊي ايم ايس ۽ ڊي ايم ڊي ايس مرڪبن جي موجودگي واقعي حياتياتي سرگرمين جو پتو ڏئي ٿي.
زمين تي هي مرڪب عام طور تي سامونڊي خورد حيات پيدا ڪن ٿا.
ڪي 2-18 بي سيارو زمين جي ڀيٽ ۾ اٽڪل 9 ڀيرا وڏو آهي ۽ اهو پنهنجي سياري جي اهڙي مدار ۾ گردش ڪري ٿو جيڪو زندگيءَ لاءِ مناسب سمجھيو وڃي ٿو.
اِهو ستارو اسان جي سج جي ڀيٽ ۾ 50 سيڪڙو کان به وڌيڪ ننڍو آهي.
سائنسي رسالي ”دي ايسٽرو فزڪل جرنل ليٽرز“شايع ٿيل تحقيق موجب، هبل دوربين2019ع ۾ انهي سياري جي فضا ۾ پاڻيءَ جا بخار ڏٺا هئا، جن جي بنياد تي سائنسدانن چيو هو ته هي سيارو نظام شمسي کان ٻاهر زندگي لاءِ موزون ٿي سگهي ٿو.
تحقيق موجب، 2023ع ۾ هتي ميٿين جي موجودگي به سامهون آئي هئي، جڏهن ته هاڻ ٻه وڌيڪ مرڪب دريافت ٿيا آهن.
ماهرن موجب، شمسي نظام کان ٻاهر موجود سيارن جون تصويرون وٺڻ لاءِ اهي تمام پري آهن ۽ اتي روبوٽ خلائي جهاز موڪلڻ لاءِ پڻ تمام گهڻو وقت کپي.
ان لاءِ سائنسدان سيارن جي سائيز، ڪثافت، گرمي پد ۽ ڪيميائي نشانين ذريعي اندازو لڳائين ٿا ته اهي زندگيءَ لاءِ مناسب آهن يا نه.
تحقيق ڪندڙن موجب، مليل اشارا تمام مضبوط ۽ واضح آهن، جيڪڏهن اسان اتي اهڙا مالڪيول دريافت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، جيڪي حياتياتي سرگرمين دوران خارج ٿين ٿا، ته اها پهرين ڀيرو ٿيندو ته انسان ائين ڪري سگهندو ۽ حيرت جوڳي ڳالهه اِها آهي ته ائين ممڪن نظر اچي ٿو.
ماهرن موجب، ٿي سگهي ٿو ته انهن مرڪبن جي موجودگي ڪنهن اهڙي عمل جو نتيجو هجي، جيڪو اسان اڃا نٿا ڄاڻون، پر اڃا تائين ڪو به اهڙو غير حياتياتي عمل نه مليو آهي، جيڪو انهن مرڪبن جي پيدائش جي وضاحت ڪري سگهي.
ڇاڪاڻ ته هي سيارو زمين کان 124 نوري ورهين جي مفاصلي تي آهي، تنهنڪري في الحال اهو حتمي طور چوڻ ممڪن نه آهي ته اتي حياتي موجود آهي يا نه.
پر محققن جو چوڻ آهي ته سوال اِهو ناهي ته اسان اتي ڪڏهن پهچي سگهنداسين يا نه پر سوال اهو آهي ته ڇا فطرت تي لاڳو ٿيندڙ حياتياتي قانون اسان کي پنهنجي سوالن جا جواب ڏيندا؟