شهيدن جو احترام هر پاڪستاني لاءِ مقدس آهي، اڄ جو امن، آزادي انهن شهيدن جي قربانين عيوض آهي: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته شهيدن جو احترام هر پاڪستاني جي لاءِ مقدس آهي، اڄ جو امن، آزادي اهڙن شهيدن جي قربانين جي عيوض آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي ايڇ ڪيو ۾ اعزاز ورهائڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي آفيسرن ۽ جوانن کي ستاره امتياز ملٽري  سان نوازيو.

تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته شهيد ۽ غازي اسان جو فخر آهن، شهيدن جو احترام هر پاڪستاني جي لاءِ مقدس آهي، جنرل عاصم منير وڌيڪ چيو ته اڄ جو امن ۽ آزادي اهڙن شهيدن جي قربانين جي عيوض آهي، شهيدن جون قربانيون وسارڻ نه جوڳيون آهن. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جاري آپريشن دوران دهشتگردي جي خطرن کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون اڻٿڪ محنتون ۽ ڪوششون تعريف جوڳيون آهن.

تقريب ۾ سينئر فوجي اختيارين ۽ اعزاز حاصل ڪندڙ جوانن ۽ آفيسرن جي خاندانن شرڪت ڪئي، آفيسرن ۽ جوانن کي ستاره امتياز(ملٽري) ۽ تمغه رسالت سان نوازيو ويو، شهيدن جا ميڊل انهن جي گهر ڀاتين وصول ڪيا.

Respect for martyrs is sacred for every Pakistani