ڍاڪا : پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٻه طرفي پرڏيهي آفيس صلاح مشورا 15 سالن کان پوءِ بحال ٿي ويا آهن. بنگلاديشي ميڊيا موجب، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي پرڏيهي آفيسن جي وچ ۾ هڪ مشاورتي اجلاس اڄ ڍاڪا ۾ ٿيندو. مشاورتي اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي سيڪريٽري وفدن جي اڳواڻي ڪندا. بنگلاديشي ميڊيا ٻڌايو ته پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ايف او سي ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪالهه ڍاڪا پهتي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي صورتحال ۽ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي بحث ٿيڻ جي اميد آهي.پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي اپريل جي آخري هفتي ۾ بنگلاديش جو دورو متوقع آهي.