آءِ پي ايل ۾ فڪسنگ جو خطرو، بي سي سي آءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

ممبئي: انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) دوران ميچ فڪسنگ يا غير قانوني سرگرمين جي امڪاني خطرن کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) طرفان الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، بي سي سي آءِ طرفان آءِ پي ايل جي سڀني فرنچائز مالڪن، رانديگرن، ڪوچن، ٽيم عملدارن، سپورٽ اسٽاف ۽ ڪامينٽيٽرز کي خبردار ڪيو ويو آهي ته هڪ ڪاروباري شخصيت ليگ سان سلهاڙيل ماڻهن سان غيرمعمولي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوشش رڌل آهي.

آءِ پي ايل جي اينٽي ڪرپشن سيڪيورٽي يونٽ جو چوڻ آهي ته ڪاروباري شخص حيدرآباد دکن سان واسطو رکندڙ ۽ سندس بُڪي سان واسطا رهيا آهن، جڏهن ته هو ماضيءَ ۾ به اهڙي قسم جي غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث رهيو آهي.

اينٽي ڪرپشن يونٽ طرفان هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به شخص جو ان ڪاروباري شخص سان رابطو ٿئي ته ان جو ترت اطلاع ڏنو وڃي.

بي سي سي آءِ رانديگرن ۽ ٽيم اسٽاف کي خبردار ڪيو ويو آهي ته هو ڪنهن به شڪي شخص کان تحفا، زيور يا ٻيو سامان وٺڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

ميڊيا رپورٽن موجب ان ڪاروباري شخص کي ٽيم جي هوٽلن ۽ ميچ دوران به ڏٺو ويو آهي ۽ هو رانديگرن جي گهر ڀاتين سان به واسطو وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل همراهه پنهنجي پرائيويٽ پارٽين ۾ سڏائي، قيميتي تحفن ذريعي ماڻهن کي پنهنجي ڄار ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

Fixing threat in IPL