اين اي 213 عمرڪوٽ ۾ ضمني چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري، پ پ ۽ پي ٽي آءِ ۾ سخت مقابلي جو امڪان

عمرڪوٽ: اين اي 213 عمرڪوٽ ۾ ضمني چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، اين اي 213 عمرڪوٽ ۾ ضمني چونڊ لاءِ پولنگ جي شروعات صبح 8 وڳي ٿئي جيڪا شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهندي.

تڪ ۾ گڏيل طور تي 18 اميدوار آمهون سامهون آهن. ضمني چونڊ ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار صبا ٽالپر ۽ جي ڊي اي جي حمايت يافته اميدوار لال چند مالهي ۾ سخت مقابلي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

اين اي 213 عمرڪوٽ جي سيٽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي کان پوءِ خالي ٿي هئي، تڪ ۾ پولنگ اسٽيشنن جو ٽوٽل انگ 498 آهي، جنهن مان 269 کي حساس ۽ 91 کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

NA 213 Umarkot by-election law polling which is going on