قرآن چئي ٿو ڪا خبر ملي ته پڪ ڪريو، پر سوشل ميڊيا تي بنا تصديق جي خبر اڳتي وڌائي وڃي ٿي: آرمي چيف

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل عاصم منير سوشيل ميڊيا جي غيرذميواراڻي استعمال تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

گذريل ڏينهن اوورسيز پاڪستانين بابت تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته قرآن چئي ٿو ته جڏهن ڪا خبر ملي ته ان جي پڪ ضرور ڪريو، پر سوشيل ميڊيا تي جيڪا به خبر اچي ٿي، ماڻهو بنا تصديق اِها اڳتي وڌائي ڇڏين ٿا.

هن چيو ته دنيا جي تاريخ ۾ رڳو ٻه رياستون ڪلمي جي بنياد تي ٺهيون آهن، پهرين رياست مديني واري هئي ۽ ٻي پاڪستان جي صورت ۾ 1300 سالن کانپوءِ ٺهي، جيڪو اسان جي وڏڙن ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي ٺاهي.

جنرل عاصم منير جو چوڻ جنهن ملڪ جا سمورا ادارا آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪندا ان ئي رياست کي هارڊ رياست چيو ويندو آهي.

but without confirmation on social mediaconfirm itQuran says if you get any news