ملڪ ۾ گرمي پد وڌڻ ۽ برساتن ۾ گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد: نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ملڪ ۾ معمول کان وڌيڪ گرمي پد ۽ معمول کان گهٽ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.اين ڊي ايم اي موجب، گرمي پد ۾ واڌ ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گرمي جي لهر جو سبب بڻجندي.ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.ڪراچي، بدين، لاڙڪاڻو، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، مٽياري، سکر، شڪارپور ۾ سخت گرمي جي لهر برقرار رهڻ جو امڪان آهي.دادو، سانگهڙ، بهاولپور، رحيم يار خان ۽ لاهور جا علائقا پڻ سخت گرمي جي لپيٽ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.گرمي ۾ واڌ خيبر پختونخواه، پوٺوهار، مري ۽ بلوچستان جي جبلن وارن علائقن ۾ باهه جو سبب پڻ بڻجي سگهي ٿي.وڌندڙ گرمي پد ۽ گهٽ برسات پڻ فصلن جي پيداوار تي اثر انداز ٿيڻ جو امڪان آهي.اين ڊي ايم اي موجب، تيز گرمي ۽ گهٽ برسات جهڙا عنصر پڻ پاڻي جي کوٽ جو سبب بڻجي سگهن ٿا.