ارباز خان ۽ شوري جي پهرين ٻار جي متوقع آمد جون خبرون

ممبئي : اهڙيون خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته بالي ووڊ پروڊيوسر ۽ اداڪار ارباز خان ۽ ميڪ اپ آرٽسٽ شوري پنهنجي پهرين ٻار جي اميد رکي رهيا آهن،ارباز خان جي شورا خان سان شادي 24 ڊسمبر 2023 تي ڀيڻ ارپيتا جي گهر ممبئي ۾ ٿي، جنهن ۾ خان خاندان ۽ ويجهن دوستن شرڪت ڪئي. سلمان خان جي ڀاءُ جي اها ٻي شادي هئي. ان کان اڳ، هن 1998 ۾ مشهور ڊانسر ملائڪا اروڙا سان شادي ڪئي هئي ۽ 2017 ۾ طلاق ٿي وئي. ٻنهي کي هڪ پٽ پڻ آهي.هي خبرون تڏهن شروع ٿيون جڏهن هندستاني تفريحي ويب سائيٽ پنڪ ولا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته ارباز ۽ شوري هڪ ميٽرنٽي ڪلينڪ مان نڪري رهيا آهن.اداڪار کي هٿ ۾ هڪ فائل جهليندي پڻ ڏسي سگهجي ٿو. وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيل هو ته ارباز ۽ شورا پنهنجي پهرين ٻار جي انتظار ۾ آهن. جڏهن ته، جوڙي يا خاندان مان ڪنهن به ان حوالي سان ڪو به بيان جاري نه ڪيو آهي.