حڪومت تي پيٽرول ليوي 70 روپين تائين وٺڻ جي پابندي ختم، صدارتي آرڊيننس جاري

اسلام آباد: پيٽرول ليوي بابت صدارتي آرڊيننس ۾ پيٽرول ليوي جي لاءِ ففٿ شيڊول کي ختم ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب صدر آصف علي  زرداري طرفان جاري ڪيل آرڊيننس ۾ پيٽرول ليوي جي لاءِ ففٿ شيڊول کي ختم ڪيو ويو آهي. آرڊيننس موجب ففٿ شيڊول جي تحت حڪومت ليوي جي حد جي پابند هئي پر ففٿ شيڊول ختم ٿيڻ سان حڪومت تي ليوي جي حد واري پابندي ختم ٿي وئي آهي.

ففٿ شيڊول ختم ٿيڻ سان حڪومت ليوي جي ڪابه قيمت لاڳو ڪري سگهي ٿي جڏهن ته انهي  کان اڳ ففٿ شيڊول جي تحت حڪومت ليوي 70 روپيه في ليٽر تائين وٺڻ جي پابند هئي.

ياد رهي ته هلندڙ مهيني 15 ڏينهن جي لاءِ حڪومت عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي کي پيٽروليم ليوي وڌائي ايڊجسٽ ڪري ڇڏيو آهي. پيٽرول تي ليوي 8 روپيه 72 پئسا في ليٽر وڌائي وئي ۽ پيٽرول تي ليوي 70 روپين مان وڌائي 78 روپيه 72 پئسا ڪئي وئي آهي.

The ban on the government to levy petrol up to 70 rupees is over