جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس: سرڪاري گواهه اڄ به پيش نه ٿي سگهيا، ٻڌڻي ٻيهر ملتوي

اسلام آباد: دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي 21 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت اڄ 2 گواهن مئجسٽريٽ ۽ ڪيس جي مدعي کي طلب ڪري رکيو هو، جج امجد علي شاهه جي آڏو ٿيندڙ ٻڌڻي دوران گواهه اڄ به پيش نه ٿي سگهيا.

ٻڌڻي دوران وڪيل صفائي عدالت کان استدعا ڪئي ته پي ٽي آءِ باني سان مشاورت جي لاءِ ملاقات جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن ڪيس بابت ان کان وڌيڪ رهنمائي وٺي سگهجي. انهي کان علاوه هڪ ئي نوعيت جي سمورن ڪيسز کي گڏ ڪيو وڃي جنهن کان پوءِ انهن جو گڏ ئي ٽرائل شروع ڪيو وڃي.

ٻڌڻي جي موقعي تي عدالت ۾ پيش ٿيل جوابدار حاضري لڳرائي عدالت جي اجازت  سان واپس روانا ٿي ويا. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ طرفان 9 مئي سانحي جي ڪيسز جو 4 مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ٿيڻ جي حڪم کان پوءِ لکت واري فيصلي جو انتظار ڪيو پيو وڃي. جنهن جي ملڻ تي جي ايڇ ڪيو حملي سميت 9 مئي جي ٻين ڪيسز جي ٻڌڻي هفتي ۾ 2 ڏينهن ڪئي ويندي.

ٻڌڻي کان پوءِ وڪيل محمد فيصل ملڪ ايڊووڪيٽ ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي 21 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، ڇو ته استغاثه جا گواهه موجود نه هئا.

ياد رهي ته جي ايڇ ڪيو گيٽ وزن حملي ڪيس ۾ 119 گواهه آهن، جن مان 25 جا بيان رڪارڊ ٿي چڪا آهن پر اڃان تائين ڪنهن به اهم گواهه تي جرح نه ٿي سگهي آهي

GHQ attack case: Official witness could not appear today