ڪراچي: ڊمپر جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر، مڇريل ماڻهن 5 ڊمپر ۽ 4 واٽر ٽينڪرن کي باهه ڏئي ڇڏي

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي نارٿ ڪراچي ۾ پاور هائوس چورنگي ڀرسان ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار شخص زخمي ٿي پيو جنهن کان پوءِ مڇريل ماڻهن ڪيترائي ڊمپر ساڙي ڇڏيا.

نارٿ ڪراچي پاور هائوس چورنگي حادثي جي هڪ اکين ڏٺي شاهد ٻڌايو ته ڊمپر ڊرائيور 17-18 سالن جو ڇوڪرو هو جيڪو ريس لڳائيندي اچي رهيو هو.

اکين ڏٺي شاهد ٻڌايو ته ريس لڳائيندڙ ڊمپر ڊرائيور کي ماڻهن روڪيو ۽ تشدد جو نشانو بنايو، ڊرائيور فرار ٿيڻ جي ڪوشش ۾ ڊمپر موٽر سائيڪلن تي چڙهائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 موٽر سائيڪل تباهه ٿي ويا پر ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو صرف هڪ موٽر سائيڪل سوار شخص زخمي ٿي پيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته پاور هائوس چورنگي ۽ فور ڪي چورنگي جي ڀرسان مڇريل ماڻهن 9 گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي، پوليس موجب متاثر گاڏين ۾ 5 ڊمپر ۽ 4 واٽر ٽينڪر شامل آهن. پوليس موجب پنجن ڊمپرن کي پاور هائوس چورنگي تي ساڙيو ويو، 3 واٽر ٽينڪرن کي فور ڪي چورنگي ۽ هڪ کي سرجاني بابا موڙ تي مڇريل ماڻهن باهه ڏئي ڇڏي، پر بعد ۾ سمورين گاڏين تي لڳل باهه کي وسايو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي سمورين اسپتالن مان حادثن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي پئي وڃي، ڊمپر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ لياقت محسود پاور هائوس چورنگي تي ميڊيا سان ڳالهين ۾ دعويٰ ڪئي ته منهنجي 11 گاڏين کي ساڙيو ويو. هن چيو ته حادثي ۾ ڪوبه زخمي ٿيو آهي ته ڪٿي آهي، سامهون آندو وڃي، ڊمپرن کي باهه ڏيندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي، حڪومت اسان کي تحفظ فراهم ڪري.

ٻئي طرف پاور هائوس چورنگي تي ڊمپرن کي باهه ڏيڻ جي خلاف سپر هاءِ وي تي احتجاج ڪيو ويو، ڊمپر ڊرائيورن ڪچري سان ڀريل گاڏي کي سهراب ڳوٺ الآصف اسڪوار تي اڇلي ڇڏيو جنهن جي ڪري ٽريفڪ جي روانگي معطل ٿي.

ڪراچي ۾ ڊمپرن کي باهه ڏيڻ ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ رات دير سان ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو جنهن ۾ پوليس ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس ايس پي سينٽرل جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاور هائوس طرف روڊ کليل آهن ۽ ٽريفڪ  به هلي رهي آهي، پوليس جي وڏي نفري موجود آهي، امن امان خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ عناصرن کي بخش نه ڪنداسين، انهي کان اڳ ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن به ٽريلر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار فوت ٿي ويو هو.

پوليس موجب اهو حادثو ڪورنگي ۾ وينا چورنگي تي پيش آيو جتي ٽريلر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار فوت ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 99 ڏينهن دوران هيوي گاڏين جي ٽڪر سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 78 ٿي ويو آهي انهي کان علاوه ڪراچي ۾ هلندڙ سال هينئر تائين روڊ حادثن ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 256 ٿي چڪو آهي

Karachi: Dumper's motorcycle hit