دنيا ۾ ٽيرف جي جنگ تيز، چين ۽ يورپي يونين پاران جوابي ٽيرف لاڳو

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران چين تي ٽيرف جي شرح وڌائي 104 سيڪڙو ڪرڻ بعد چين آمريڪي شين تي 84 سيڪڙو ٽيرف ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي يورپي يونين پڻ امريڪي امپورٽس تي 25 سيڪڙو جوابي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. يورپي يونين تي اسٽيل ۽ المونيم جي امپورٽ تي آمريڪا پاران لاڳو ڪيل ٽيرف سبب يورپي مارڪيٽن تي 26 ارب ڊالر جو ساليانو ٻوجهه پوندو. جڏهن ته يورپي يونين پاران آمريڪي شين تي لڳايل ٽيرف سبب آمريڪا تي 20 ارب ڊالر جو ٻوجهه پوندو. آمريڪي ٽيرف بعد دنيا ۾ تجارتي جنگ تيز ٿي وئي آهي. آمريڪا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ صدر ٽرمپ خلاف احتجاجي مظاهرا شروع ٿي ويا آهن ۽ هو چين مان ايندڙ سستين شين جي مهانگي ٿيڻ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. چين جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪي صدر غلطي مٿان غطي پيو ڪري ۽ اسين ٽيرف جي جنگ ۾ پوئتي نه هٽنداسين ۽ وقت بوقت حالتن موجب جوابي قدم کڻندارهنداسين. آمريڪا جو چوڻ آهي ته هو چين سان تجارتي خسارو گهٽ ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي رهيو آهي. 2024 ۾ آمريڪا جا چين مان درآمدات438 ارب هئا ۽ چين ڏانهن آمريڪي ايڪسپورٽ رڳو 143 ارب جا هئا يعني آمريڪي تجارتي خسارو رڳو چين سان 295 ارب ڊالر جو آهي. ٽيرف جي جنگ بعد دنيا جي وڏن سيڙپڪارن آمريڪي بانڊز وڪرو ڪرڻ شروع ڪيا آهن ۽ جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. اسپين جي اقتصاديات واري وزير چيو آهي ته يورپ کي چين سان شراڪت وڌائڻ گهرجي. جنهن بعد آمريڪي خزاني جي وزير اسڪاٽ بيسينٽ يورپ کي خبردار ڪيو آهي ته چين سان شراڪت وڌائڻ وارن کي وڌيڪ پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ انهن ملڪن لاءِ ائين ڪرڻ پنهنجو ڳلو ڪپڻ جي برابر هوندو. سي اين اين جي معاشي تجزيه ڪار اسٽيفن ڪولنسن خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا چين کان ڪڏهن به ٽيرف جي جنگ کٽي نٿو سگهي. هن جو چوڻ آهي ته آمريڪا چين جي اڀار کي 50 سالن کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ صدر نڪسن جي دور کان وٺي هر آمريڪي صدر ان ڏس ۾ مختلف اپاءَ ورتا پر نتيجو ان جي ابتڙ نڪرندو رهيو آهي. بي بي سي، جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صدر ٽرمپ کي ٽيرف جي جنگ ۾ ايتري مزاحمت جو شايد اندازو نه هو ۽ هو سمجهي پيو ته هو دنيا کي ڊيڄاريندو ۽ دنيا هن وٽ اچي منٿون ڪندي ۽ هو هنن کي خيرات ۾ ڪجهه رعايتون ڏيندو، جڏهن ته صورتحال ان جي ابتڙ پيدا ٿي آهي ۽ آمريڪا هڪ ئي وقت اتحادين توڙي مخالف ملڪن خلاف ٽيرف وڌائي پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪيا آهن.

Tariff war is intensifying in the world