ڪوئيٽا : ڪوئيٽا جي علائقي سرياب ۾ نيو سرياب پوليس اسٽيشن جي پوليس موبائل تي فائرنگ جي نتيجي ۾ سب انسپيڪٽر سميت ٽي اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. فائرنگ کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويا.پوليس اختيارين موجب، سرياب ۾ مستونگ روڊ تي شيخ زيد اسپتال ويجهو نامعلوم دهشتگردن پوليس موبائل تي حملو ڪيو.ان موقعي تي سب انسپيڪٽر عبدالولي تنولي ۽ ٻه سپاهي جيڪي موبائل ۾ هئا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ڊرائيور کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو.واقعي جي اطلاع ملندي ئي سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ پهچي ويون، جڏهن ته حملي کان پوءِ اڻڄاتل دهشتگرد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.