لاهور هاءِ ڪورٽ اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم مقرري خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم مقرري خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي مقرري خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي داخل ڪيل درخواست کي رد ڪري ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ سنگل بينچ جو فيصلو بحال رکيو ۽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته وزيراعظم کي آئين اجازت ڏئي ٿو ته اهو ڪنهن اسيمبلي ميمبر يا سينيٽر کي ڪنهن به عهدي تي مقرر ڪري، جسٽس محمد اقبال چوڌري ريمارڪس ڏنا ته لکت ۾ فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.

واضح رهي ته ايڊيشڻل اٽارني جنرل نصر احمد اپيل جي مخالفت ڪئي هئي، شهري اشبا ڪامران جي انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ وزيراعظم سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو ۽ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته پاڪستان جي آئين ۾ نائب وزيراعظم جو ڪوبه عهدو نه آهي.

درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو هو ته وزيراعظم شهباز شريف ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي آئين جي ابتڙ نائب وزيراعظم مقرر ڪيو، نائب وزيراعظم پاڪستان جي وزيراعظم جو نائب مڃيو ويندو آهي، وزيراعظم کي قومي اسيمبلي جا ميمبر وٽ ذريعي چونڊيندا آهن. اسحاق ڊار سينيٽر هجڻ جي بنياد تي نائب وزيراعظم نٿو بڻجي سگهي.

عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو هو ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي غير آئيني طور تي ڊپٽي وزيراعظم جون مراعتون ڏنيون ويون، عدالت سينيٽر اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم جي عهدي تي مقرري ۽ سنگل بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي.