واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ريپبلڪن مائيڪ هڪابي کي اسرائيل ۾ آمريڪي سفير نامزد ڪيو آهي.خبر ايجنسي موجب، آمريڪي سينيٽ مائيڪ هڪابي کي سفير طور تصديق ڪري ڇڏي آهي.مائيڪ هڪابي کي حق ۾ 53 ووٽ ۽ مخالفت ۾ 46 ووٽ مليا.اسرائيل نواز مائيڪ هڪباي آرڪنساس جو اڳوڻو گورنر پڻ هو. مائيڪ هڪابي قبضي هيٺ اولهه ڪناري ۾ يهودي آبادين جي قيام جو مضبوط حامي رهيو آهي.