معدني وسيلا استعمال ڪري آءِ ايم ايف کي الوداع چئي سگهجي ٿو:وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم جي انعقاد سان سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو. مان پاڪستان ۾ سڀني مندوبن کي ڀليڪار ڪريان ٿو. مان فورم جي ڪامياب تنظيم تي منتظمين کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هي فورم سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائيندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان معدني وسيلن کي استعمال ڪندي آءِ ايم ايف کي الوداع چئي سگهي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سنڌ ۽ پنجاب جي زمين قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، بلوچستان، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي جبلن ۾ معدني ذخيرا موجود آهن، انهن ذخيرن جي ماليت ٽريلين ڊالر آهي، پاڪستان انهن ذخيرن کي ڪڍي قرض جي جبل کان نجات حاصل ڪري سگهي ٿو.اسلام آباد ۾ پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي تي اڳڀرائي حوصلا افزا آهي.