شاهد طور پيش نه ٿيڻ تي ملائڪا اروڙا جا قابل ضمانت وارنٽ جاري

ممبئ : مشهور بالي ووڊ اداڪارا ملائڪا اروڙا جا ضمانتي وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ممبئي جي هڪ عدالت سيف علي خان 2012 جي هوٽل حملي ڪيس ۾ شاهد طور تي مسلسل غير حاضري تي ملائڪا خلاف ضمانتي وارنٽ ٻيهر جاري ڪري ڇڏيا آهن.اهي وارنٽ ڪالهه جاري ڪيا ويا هئا ۽ عدالت هن مهيني جي آخر تائين ضمانتي وارنٽن بابت رپورٽ پڻ طلب ڪئي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب، گذريل ڏينهن سيف علي خان سميت سڀني جوابدارن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي ۽ غير حاضر رهيا، جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو.ملائڪا اروڙا کي اڳ ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻو هو، پر هوءَ غير حاضر رهي، جنهن کان پوءِ عدالت هدايت ڪئي ته اداڪاره خلاف 5 هزار رپين جا ضمانتي وارنٽ ٻيهر جاري ڪيا وڃن.