اسلام آباد: غيرقانوني پرڏيهين جي افغانستان واپسي جو سلسلو جاري آهي، گذريل ڏينهن طورخم جي رستي 2 هزار 355 افغان شهر جو ڪارڊ رکندڙ پناهگيرن ۽ 3 هزار 42 غيرقانوني پناهگيرن کي واپس اماڻيو ويو آهي.
رپورٽ موجب پهرين اپريل کان هينئر تائين 5 هزار 568 افغان شهر جو ڪارڊ رکندڙ پناهگيرن کي طورخم جي رستي افغانستان اماڻيو ويو آهي. پهرين اپريل کان پوءِ هينئر تائين افغانستان واپس اماڻيل پناهگيرن جو گڏيل انگ 25 هزار کان وڌي ويو آهي.
افغانستان اماڻيل پناهگيرن ۾ افغان شهر جو ڪارڊ، پروف آف ريزينڊس رکندڙ پناهگير ۽ غيرقانوني پناهگير به شامل آهن. سيپٽمبر 2023 کان هينئر تائين گڏيل طور تي 4 لک، 88 هزار 187 غيرقانوني پناهگيرن کي طورخم سرحد کان افغانستان اماڻيو ويو آهي.
پهرين اپريل 2025 کان هينئر تائين اسلام آباد مان 160، پنجاب مان 4 هزار 227، گلگت بلتستان مان هڪ افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊر کي طورخم رستي افغانستان اماڻيو ويو.
گڏيل طور تي پختونخواهه مان 12 هزار 982، اسلام آباد مان هڪ هزار 573، پنجاب مان 5 هزار 435، آزاد ڪشمير مان 38، گلگت بلتستان مان هڪ ۽ سنڌ مان 44 غيرقانوني پناهگيرن کي افغانستان اماڻيو ويو آهي.