پاڪستان عالمي معدني معيشت ۾ اڳواڻ جي طور تي اڀرڻ لاءِ تيار آهي: آرمي چيف

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته عوام جي پيرن هيٺيان وڏي پيماني تي معدني ذخيرا، هٿن ۾ مهارت ۽ شفاف معدني پاليسي جي هوندي مايوسي ۽ بي عملي کي ڪا گنجائش نه آهي، مون کي پڪو يقين آهي ته پاڪستان عالمي معدني معيشت ۾ هڪ اڳواڻ جي طور تي اڀرڻ جي لاءِ تيار آهي.

اسلام آباد ۾ پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم 2025 کي خطاب ڪندي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير چيو ته اسان عالمي ادارن کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چئون ٿا اهي پنهنجي مهارتن سان پاڪستان کي روشناس ڪرائين، آرمي چيف چيو ته عالمي ادارا سرمائيڪاري جا موقعا تلاش ڪن ۽ وسيلن جي وسيع صلاحيت جي ترقي ۾ ڀائيواري ڪن، پاڪستان جي معدنيات جي دولت کي ڪڍڻ جي لاءِ انجنيئرن، جيالوجسٽ، آپريٽرز ۽ ڪيترن ئي ماهرن جي ضرورت آهي.

هن چيو ته انهي شعبي جي ترقي لاءِ شاگردن کي پرڏيهه تربيت جي لاءِ اماڻيو پيو وڃي. هن وقت بلوچستان جا 27 شاگرد زيمبيا ۽ ارجنٽينا ۾  منرل ايڪسپلوريشن ۾ تربيت حاصل ڪري رهيا آهن. جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان جو مقصد معدني شعبي جي لاءِ افرادي قوت، مهارت ۽ انساني وسيلا پيدا ڪرڻ به آهي جڏهن ته اقتصادي سلامتي، قومي سلامتي جو هڪ اهم جز جي طور تي اڀري آهي

هن چيو ته اوهان پاڪستان  تي ڀائيوار جي طور تي ڀروسو ڪري سگهو ٿا، پاڪ فوج پنهنجي ڀائيوارن ۽ سرمائيڪارن جي مفادن ۽ اعتماد جي تحفظ لاءِ هڪ مضبوط سيڪيورٽي فريم ورڪ ۽ فعال قدمن کي يقيني بنائيندي.

پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته پاڪستان ۾ اپ اسٽريم ۽ ڊائون اسٽريم معدني صنعتن جي ترقي کي به يقيني بنايو ويندو. آرمي چيف موجب اها ڳالهه اهم آهي ته لاڳت کي بهتر بنائڻ ۽ منڊين کي فعال بنائڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ ريفائننگ ۽ ويليو ايڊيشن ۾ سرمائيڪاري ڪئي وڃي.