سنڌ هاءِ ڪورٽ تڪراري چولستان ۽ ٿل ڪينالن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا جي جوڙجڪ، چولستان ۽ ٿل ڪينال جي تعمير لاءِ پاڻي جي دستيابي جي سرٽيفڪيٽ خلاف درخواست تي حڪم امتناع جاري ڪري ڇڏيو.

رپورٽ  موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ارسا جي جوڙجڪ ۽ ڪئنائن جي تعمير لاءِ پاڻي جي دستيابي جي سرٽيفڪيٽ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، وفاقي حڪومت  جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي عدالت سڳوري وفاقي حڪومت کان 18 اپريل تائين تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ارسا ۾ سنڌ مان وفاقي ميمبر جي مقرري ناهي ڪئي وئي، ارسا جي جوڙجڪ غيرقانوني آهي، درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته غيرقانوني جوڙجڪ کان پوءِ ارسا جا جاري ڪيل سمورا فيصلا غير قانوني آهن، ارسا 25 جنوري تي چولستان ۽ ٿل ڪينال جي تعمير لاءِ پاڻي جي فراهمي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو هو.

وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته قانوني طور تي ارسا جي سرٽيفڪيٽ جي خلاف عدالتي حڪم امتناع کان پوءِ ڪينالن تي تعميراتي ڪم روڪڻ گهرجي.

واضح رهي ته سرسبز پاڪستان منصوبي جي تحت چولستان ۽ ٿل جي صحرائي علائقن ۾ لکين ايڪڙ غيرآباد زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪارپوريٽ فارمنگ جي ذريعي وفاقي حڪومت برآمدات ۾ اضافو ڪرڻ جي خواهشمند آهي پر سنڌ حڪومت کي چولستان ڪينال جي تعمير تي اعتراض آهي، سرسبز پاڪستان قدمن جي تحت مختلف ڪينالن جي تعمير جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي.

سنڌ ڪينال جي تعمير کي پاڻي جي دستيابي کي وڌائڻ سان مشروط ڪيو آهي، سنڌ حڪومت کي خدشو آهي ته ڪينالن جي تعمير سان صوبي جي پاڻي جو حصو گهٽ ٿي ويندو.