ممبئي: بالي ووڊ جي ڪنگ خان شاهه رخ خان انٽرنيشنل انڊين فلم ايوارڊز (آئيفا) 2025ع ۾ پنهنجي هيرن جي هار سبب سڀني جي ڌيان جو مرڪز رهيو.
شاهه رخ خان نه رڳو پنهنجي اداڪاري، پر فئشن سينس ذريعي به مداحن کي متاثر ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي.
آئيفا 2025ع جي تقريب دوران اداڪار کي ڪاري رنگ جو لباس ۽ هيرن جو هار پهريل هو جنهن سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب، شاهه رخ خان کي پاتتل هار جي قيمت 50 کان 75 لک ڀارتي رپيا ٻڌائي پئي وڃي، ان رقم مان ڀارت جي مهانگي ترين شهر نوائيڊا ٻه اپارٽمينٽ خريد ڪري سگهجن ٿا.
ميڊيا رپورٽس موجب، هي هيرن جو هار ” ليسٽا“ ڪمپني طرفان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هيرن سان گڏ اڇي سون جو به استعمال ڪيو ويو آهي.