پوڙهو ناهيان، اڄ به پاڻ کي 16 سالن جو جوان محسوس ڪيان ٿو: اداڪارعامر خان

ممبئي : بالي ووڊ ۾ ”مسٽر پرفيڪشنسٽ“ جي نالي سان مشهور سپر اسٽار عامر خان سينيئر سيٽيزن هجڻ جو لقب قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. عامر خان 14 مارچ تي پنهنجي 60هين سالگره ملهائيندو، ان سلسلي ۾ هن خميس تي صحافين سان خاص ملاقات ڪئي ۽ جنم ڏينهن جون مبارڪون وصول ڪيون. ان موقعي تي جڏهن ڪنهن کيس سينيئر سيٽيزن سڏڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن نرمي سان ان کي قبولڻ کان انڪار ڪيو. هڪ صحافي پڇيو ته هلندڙ سال سينيئر سيٽيزن ٿيڻ کانپوءِ هو ڇا ڪرڻ وارو آهي، جنهن تي عامر خان کلندي چيو ته هو پاڻ کي اڃا به 16 يا 17 سالن جو نوجوان محسوس ڪري ٿو. هن مزاحيه انداز ۾ اهو به چيو ته جيڪڏهن کيس سينيئر سيٽيزن چيو ويو ته هو 30 سالن جي ماڻهو کي” چاچو“ چوندو. ياد رهي ته عامر خان گذريل 40 سالن کان هندي سئنيما سان واڳيل آهي. هن 1984 ۾ فلم ”هولي“ سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي، جڏهن ته ”قيامت سي قيامت تڪ“ سان شهرت حاصل ڪئي ۽ پوءِ ڪيترين ئي سپر هٽ فلمن ۾ ڪم ڪيو.

I haven't aged