نئين دهلي : بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا (بي سي سي آءِ) انگلش ڪرڪيٽر هيري بروڪ تي ٻن سالن لاءِ آءِ پي ايل ۾ حصو وٺڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. هڪ ڀارتي ميڊيا رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته هيري بروڪ کي ٽورنامينٽ شروع ٿيڻ کان اڳ آخري وقت ۾ دستبردار ٿيڻ جي ڪري 2 سالن لاءِ آءِ پي ايل ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو ويو آهي.آءِ پي ايل جي نون ضابطن موجب، جيڪڏهن ڪو به پرڏيهي رانديگر نيلامي ۾ رجسٽرڊ ٿيو آهي، جيڪو ڪنهن فرنچائز طرفان خريد ڪرڻ کان پوءِ، سيزن جي شروعات کان اڳ ٽورنامينٽ مان دستبردار ٿي ويندو آهي، ته ان تي 2 سيزن لاءِ ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ تي پابندي لڳائي ويندي.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، بي سي سي آءِ هيري بروڪ ۽ انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ کي بيٽسمين تي ٻن سالن جي پابندي لاڳو ڪرڻ جي فيصلي کان آگاهه ڪيو آهي.