هن سال جو پهريون مڪمل چنڊ گرهڻ اڄ ٿيندو

ڪراچي: هن سال جو پهريون مڪمل چنڊ گرهڻ اڄ ٿيندو. چنڊ گرهڻ پاڪستان ۾ نظر نه ايندو،چنڊ گرهڻ پاڪستاني وقت موجب صبح 8:57 تي شروع ٿيندو، مڪمل چنڊ گرهڻ 11:58 تي ٿيندو، جڏهن ته گرهڻ منجهند 3 وڳي ختم ٿيندو،چنڊ گرهڻ يورپ، آفريڪا، ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا سان گڏ آسٽريليا ۾ به نظر ايندو،موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چنڊ گرهڻ دوران آسمان ڳاڙهي روشني سان روشن ٿيندو. هي تقريبن 3 سالن ۾ پهريون چنڊ گرهڻ هوندو، ۽ آخري ڀيرو اهو 2022 ۾ ٿيو هو،واضح رهي ته هن سال جو پهريون سج گرهڻ، جيڪو 29 مارچ تي ٿيندو، پاڪستان ۾ به نظر نه ايندو.