جنگ بندي بابت روسي صدر جو بيان نامڪمل آهي، ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگبندي بابت آمريڪي تجويز تي روسي صدر جي بيان کي نامڪمل قرار ڏنو،نيٽو سربراهه سان ملاقات دوران صدر ٽرمپ چيو ته روسي صدر پيوٽن ۽ ٻين سان سنجيده ڳالهيون جاري آهن، ۽ کيس اميد آهي ته روس جنگ بندي جي تجويز جو مثبت جواب ڏيندو،ياد رهي ته روسي صدر پيوٽن هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته روس جنگ بندي لاءِ تيار آهي پر يوڪرين کي وڌيڪ شرطون قبول ڪرڻيون پونديون،هن چيو ته آمريڪي صدر سان ڪجهه معاملن تي بحث ڪرڻ جي به ضرورت آهي.