هڪ پاسي ڀارت دنيا جو سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو ملڪ بڻجي ويو آهي ته ٻئي پاسي پاڪستان ۾ به آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي.
پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته دنيا ۾ هڪ ملڪ اهڙو به آهي، جتي 96 سالن کان ڪو به ٻار ناهي ڄائو، رڳو اهو ئي نه پر ان ملڪ ۾ ڪا اسپتال به ناهي.
اهو ملڪ ويٽي ڪن سٽي آهي، جنهن کي دنيا جو سڀ کان ننڍو ملڪ تسليم ڪيو ويو آهي، ان ملڪ ۾ ڪا به اسپتال ناهي ۽ 96 سالن ۾ اتي ڪو به ٻار ناهي ڄائو.
سبب ڇا آهي؟
اهو ملڪ 11 فيبروري 1929 ۾ جوڙيو ويو، ويٽي ڪن سٽي ڪيٿولڪ چرچ جو روحاني ۽ انتظامي هيڊ ڪوارٽر آهي، جتي پادرين سميت سڀني مذهبن جا اڳواڻ رهن ٿا.
اسپتال لاءِ ڪيترين ئي درخواستن باوجود ويٽي ڪن سٽي ۾ اڄ تائين ڪا اسپتال ناهي ٺهي سگهي ۽ جيڪو ماڻهو بيمار يا عورت ڳورهاري ٿيندي آهي، ان کي ٿوري فاصلي تي روم جي اسپتالن ۾ موڪليو ويندو آهي.
ملڪ ۾ اسپتال جي عدم موجودگي ويٽي ڪن سٽي جي ننڍي ايراضي به ٿي سگهي ٿي، ويٽي ڪن سٽي رڳو 118 ايڪڙن تي ٻڌل آهي، ملڪ ۾ ڊليوري روم نه هجڻ سبب اتي تقريبن هڪ صدي کان ڪو ٻار ئي پيدا ناهي ٿيو.
ان ملڪ جي آبادي رڳو 800 کان 900 ماڻهن تي ٻڌل آهي ۽ انهن ۾ به اڪثريت پادرين ۽ مذهبي اڳواڻن جي آهي.