ايس آءِ ايف سي جو پرڏيهي منصوبن تي ٽيڪس ڇوٽ جو مطالبو رد

اسلام آباد: آءِ ايم ايف جي عملدارن ناڻي واري وزارت ۽ ايس آءِ ايف سي جي عملدارن سان ملاقات ڪئي آهي.ذريعن موجب، آءِ ايم ايف کي ايس آءِ ايف سي جي ڪم بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ايس آءِ ايف سي سيڙپڪاري لاءِ پليٽ فارم فراهم ڪندي پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.ايس آءِ ايف سي جي عملدارن آءِ ايم ايف وفد کي سيڙپڪاري، گورننس ۽ ڍانچي بابت آگاهه ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف بين الاقوامي سيڙپڪاري منصوبن تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ جي ايس آءِ ايف سي جي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستاني اختيارين چاغي کان گوادر ريلوي ٽريڪ منصوبي لاءِ ٽيڪس ۾ ڇوٽ جو مطالبو ڪيو هو.ذريعن موجب، ريڪوڊڪ کان گوادر تائين معدنيات جي منتقلي لاءِ ريلوي ٽريڪ جي ضرورت آهي. ريڪوڊڪ کان گوادر تائين معدنيات جي منتقلي لاءِ هڪ مڪمل طور تي نئين لائين ٺاهي ويندي.وزارت خزاني، ريلوي ۽ ايس آءِ ايف سي چاغي-گوادر ريل منصوبي تي هڪ فزيبلٽي اسٽڊي ڪئي. سيڙپڪار ملڪ هن منصوبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ رياستي ضمانتون ڳولي رهيا آهن.ذريعن موجب، پاڪستان حڪومت قرض پروگرام تحت هر سيڙپڪاري تي رياستي ضمانت نٿي ڏئي سگهي.