پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ فٽبالر جليبيون وڪڻڻ تي مجبور

اسلام آباد؛ 2018ع جي ايشين گيمز جي فٽبال ايونٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ فٽبالر محمد رياض هن وقت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي.فٽبالر محمد رياض بيروزگاري سبب گذر سفر لاءِ جليبي وڪڻڻ تي مجبور آهي.ان حوالي سان محمد رياض جو چوڻ آهي ته مون ڊپارٽمينٽل اسپورٽس جي بحالي لاءِ سالن تائين انتظار ڪيو، پر ڪو به قدم نه کنيو ويو.هن چيو ته روزگار لاءِ هن کي هي رستو اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. ڊپارٽمينٽل راندين جي بحالي جو اعلان ڪيو ويو، پر اڃا تائين ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي.