پاڪستان آءِ ايم ايف کي بجلي جي قيمت گهٽ ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو

اسلام آباد: پاڪستاني اختيارين عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) کي بجلي جي قيمت گهٽ ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو آهي.

پاڪستان ۽ آءِ ايم جي وچ ۾ هڪ ارب ڊالر قسط جي لاءِ ڳالهين جو سلسلو جاري آهي جنهن دوران توانائي شغبي جي اختيارين  اڄ ۽ ڪالهه آءِ ايم وفد سان ملاقات ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني اختيارين بجلي جو ريٽ 2 روپيه في يونٽ گهٽ ڪرڻ تي آءِ ايم ايف کي راضي ڪري ورتو آهي جڏهن ته بجلي جو بنيادي ٽيرف ڏيڍ کان 2 روپين تائين سستو ڪرڻ تي آءِ ايم ايف سان ڊگهو سيشن  ٿيو.

ذريعن موجب بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ گهٽتائي جي فيصلي تي عمل اپريل کان ٿيڻ جو امڪان آهي پر ٽيرف گهٽ ڪرڻ کان اڳ ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري جو نئون گڏيل منصوبو آءِ ايم ايف کي ڏيڻو پوندو.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف بجلي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري جي موجوده منصوبي تي عدم اطمينان جو اطهار ڪيو ۽ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي نقصانن تي ڳڻتي جو اظهار به ڪيو آهي.

آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته بجلي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي هر حال ۾ بهتر ڪرڻي پوندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته حڪومت 3 ڊسڪوز جي نجڪاري جو پلان آءِ ايم ايف کي پيش ڪيو آهي جنهن جي تحت پهرين مرحلي ۾ آئيسڪو، فيسڪو ۽ گيپڪو جي نجڪاري ڪئي ويندي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ ميپڪو، ليسڪو ۽ حيسڪو جي نجڪاري ڪئي ويندي.