تنزانيه: آفريڪي ملڪ تنزانيه سان تعلق رکندڙ هڪ شخص جون 20 گهر واريون ۽ 104 ٻار آهن جنهن جي ڪري هو هن وقت سوشل ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي.
اڄ جي نفسا نفسي واري دور ۾ جتي آبادي تي ڪنيٽرول ڪرڻ جي معاملي ۾ هر ماڻهو گهٽ ٻارن جي پيدائش جي حق ۾ هوندو آهي اتي ئي هن آفريقي شهري اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي جنهن جو ڪوبه سوچي نٿو سگهي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي جي رپورٽ موجب مزي ارنسٽو نالي شخص جو تعلق تنزانيه جي هڪ ننڍي ڳوٺ سان آهي جنهن 20 شاديون ڪيون آهن ۽ انهي جا 104 ٻار، 144 پوٽا، پوٽيون، ڏوهٽا ڏوهٽيون آهن.
رپورٽ موجب مزي ارنسٽو جو گهر هڪ ڳوٺ جيان لڳي ٿو ۽ سمورو خاندان هڪ ئي جڳهه رهندو آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ انهي شخص ايتريون شاديون ڪرڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته مون پنهنجي والد جي درخواست تي پنهنجي خاندان کي وڌائڻ شروع ڪيو.
هن چيو ته مون 1961ع ۾ پهرين شادي ڪئي، هڪ سال جي اندر مون کي پهريون ٻار ٿيو، پر منهنجي والد مون کي چيو ته هڪ زال ڪافي نه آهي، ٻار وڌائڻا آهن ته ٻيون شاديون ڪر، والد شادي جو سمورو بار کڻڻ جي آڇ ڪئي پر انهي سان گڏ هڪ هڪڙي شرط به رکي.
مزي موجب والد شرط رکي هئي ته جيڪڏهن تون وڌيڪ گهر واريون رکڻ ۽ وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ تي راضي ٿئي ٿو ته مان سمورو خرچ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، رپورٽن موجب مزي جون 7 گهر واريون پاڻ ۾ سڳيون ڀينرون آهن.