پي ٽي آءِ غيرقانوني تنظيم آهي، اڪائونٽس فريز ڪيا وڃن: اڪبر ايس بابر

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ اڪبر ايس بابر چيو آهي ته پي ٽي آءِ هڪ غيرقانوني تنظيم آهي، انهن جا سمورا اڪائونٽ فريز ڪيا وڃن. اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اڪبر ايس بابر چيو ته گذريل ٻڌڻين جيان اڄ به سڀ دليل ڏيڻ لاءِ تيار هئا لاهور هاءِ ڪورٽ جي آرڊر موجب ڪيس جي پروسيڊنگس کي نٿا روڪي سگهون، هاڻ ڪيس کي هڪ دفعو ٻيهر عيد کان پوءِ تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان کي ڊپ آهي ته ڪٿي ٻيهر کان اليڪشن جو وقت نه اچي، هي جيڪي گذارشون پيش ڪن ٿا انهن جي هنن کي پاڻ به خبر ناهي هوندي. هي ڪيئن ڪارڪنن کي انهن جا حق ڏيڻ جي دعويٰ ڪن ٿا، هي هڪ غيرقانوني تنظيم آهي. اڪبر ايس بابر چيو ته پي ٽي آءِ ڊرامو ڪري رهي آهي ته اسان جمهوريت کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، اسان گذارش ڪيون هيون ته انهن جا اڪائونٽس فريز ڪيا وڃن.

PTI is an illegal organisation