ڀارت خلاف ٽاس کٽي آسٽريليا جوبيٽنگ جو فيصلو، 4 آئوٽ

دبئي: چيمپئنز ٽرافي جو پهريون سيمي فائنل دبئي ۾ ڀارت ۽ آسٽريليا ۾ کيڏيو پيو وڃي. آسٽريليا ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. آسٽريليا جو اوپنر ڪوپر ڪونولي بنا رن ٺاهڻ جي محمد شامي جي بال تي ڪيپر ڪي ايل راهول هٿان ڪيچ ٿي ويو. 4 رنز تي پهرين وڪيٽ ڪرڻ بعد ٻيو اوپنر ٽريوس هيڊ ٻن ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 33 بالن تي 39 رنز ٺاهي ورون جي بال تي شبمن گل هٿان ڪيچ ٿي ويو ۽ نائين اوور ۾ آسٽريليا جي ٻئي وڪيٽ 54 تي ڪري پئي. 110 تي ٽئين وڪيٽ 23 هين اوور ۾ جديجا حاصل ڪئي جڏهن مارنس لبوشي 29 رنسون ٺاهي ايل بي ڊبليو ٿيو. جوش انگلس 11 رنز ٺاهي جديجا جي بال تي ڪولهي هٿان ڪيچ ٿي ويو.

Australia win the toss against Indiabatting decision